سکر سر نه سانڍين

سکر سر نه سانڍين

سکر سر نه سانڍين

سکر سر نه سانڍين (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر غازي سکر الدين درس (شهيد) جي تقريرن، مضمونن ۽ ڊاڪٽر جي شهادت تي لکيل سندس دوستن ۽ اديبن جي تاثراتن جو مجموعو آهي. سال 2001ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب کي سندس دوستن ڊاڪٽر نور محمد ڀٽيءَ، استاد محمد جمن گجو، عبدالواحد درس ۽ ٻين دوستن، ”شهيد ڊاڪٽر غازي سکر الدين يادگار ڪاميٽي“ پاران سهيڙي ۽ ترتيب ڏئي کپري مان شايع ڪيو. ڪتاب جو جامع مهاڳ الهه ورايي اداسي بهڻ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غازي سکرالدين درس جي لکڻين جو تعداد 23 آهي ۽ سندس شهادت تي لکيل تاثراتن جو تعداد 25 آهي. اهڙي طرح جن اديبن ۽ دوستن ڊاڪٽر جي شهادت ۽ شخصيت تي پنهنجا پنهنجا تاثرات ۽ ويچار قلمبند ڪيا، انهن ۾ خاص طور ڊاڪٽر نور محمد ڀٽيءَ، محمد جمن گجو، محترمه حميده غازي سکر الدين، انعام شيخ، مظهر لغاري، خان محمد مهر، اسحاق مڱريي، عبدلواحد درس، نثار کوکر، الهه ورايي بوزدار، ڀيشم ڪمار آزاد، ايم شامل هنڱورجي، الهه بخش ڪنڀار، حاجي محمد بخش ۽ غازي صلاح الدين جا نالا قابل ذڪر آهن. 310 صفحن تي آڌاريل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو